تعليمي طريقا ۽ مسئلا

تعليمي طريقا ۽ مسئلا (ڪتاب ):تعليم جي جديد طريقن ۽ مسئلن (Methods & Problems) بابت هيءُ ڪتاب مشهور تعليمي ماهر رحيم بخش ميمڻ جو لکيل آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي تعليمي تاريخ تي روشني وڌي وئي آهي. هن ڪتاب جي پهرئين باب ۾ قديم دور جي تعليم يعني هندو، ٻڌ ۽ مسلم دور جي تعليمي طريقن تي روشني وڌي وئي آهي. ٻئي باب ۾ جديد تعليم بابت ذڪر آهي، جنهن ۾ انگريزن جي زماني جي تعليم ۽ صوبائي خودمختياري بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي. جنهن ۾ وارڌا اسڪيم، وديا مندر اسڪيم ۽ سارجنٽ اسڪيم جو ذڪر آهي. ٽئين باب ۾ پاڪستان جي تعليمي سرشتي تي تعليم روشني وڌل آهي، چوٿين باب ۾ مختلف تعليمي مرڪزن، ديوبند، علي ڳڙهه، شانتي، نڪيتن، جامعه مليه اسلاميه، عثمانيه يونيورسٽي سميت پاڪستاني يونيورسٽين جي تعليمي نظام تي روشني وڌل آهي. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ مشرقي ۽ مغربي مصلحن ۽ سندن تعليمي اصولن جو ذڪر ڪيل آهي. ڪتاب جي ڀاڱي ٽئين ۾ پاڪستان ۽ سنڌي تعليمي مسئلن جهڙوڪ عوامي تعليم، جنسي تعليم، گڏيل تعليم، زناني تعليم، ٻهراڙي جي تعليم، بالغن جي تعليم ۽ ڌنڌن بابت تعليم بابت روشني وڌل آهي. ڪرائون سائيز جي 318 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 5 رپيا ڄاڻايل آهي ۽ هيءُ ڪتاب آر. ايڇ. احمد برادرس حيدرآباد ڇپرايو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو